Sindh Sughar Lok Adab Tanzeem

Sindh Sughar Lok Adab Tanzeem سنڌ سگهڙ لوڪ ادب تنظيم(سلات) جو مقصد سنڌ ۽ بلوچستان سميت لوڪ ادب سان واڳيل ڏيهي ۽ پرڏيهي ڏات ڌڻي سگهڙن جي فن کي روشناس ڪرائڻ آهي.....

26/10/2025

سُگهڙ علي گل رند عرف ڪھاڙو سنڌي لوڪ ادب جو مشهور شاعر، مهمانن کي ڀليڪار ڪندي پنهنجن دلڪش لفظن سان محفل کي روشن ڪري ٿو۔هي وڊيو سنڌي ثقافت ۽ مهمان نوازي جي خوب...

26/10/2025

ھن وڊيو ۾ توھان ڏسي سگھو ٿا ته ڪيئن الڳوزي ۽ چنگ گڏجي هڪ شاندار موسيقيءَ جو تجربو پيدا ڪري رھيا آھن.الڳوزيءَ جا مٺڙا سُر ۽ چنگ جي رقصان ڌن اوھان کي هڪ ڌيان ڇ...

https://youtu.be/fujKw134bPU?si=tXvEabBUa6DBiSfP
24/10/2025

https://youtu.be/fujKw134bPU?si=tXvEabBUa6DBiSfP

سنڌي لوڪ ادب ٹی وی تي ڀليڪار 🙏اڄ اسان سان گڏ آهن سنڌي لوڪ ادب جا ناميارا شاعر علي اڪبر اداسي، جيڪي پنهنجي شاعريءَ جي مٺڙي ٻوليءَ ۾ ڀليڪار جو پيغام پيش ڪري ر...

روزاني جيجل ۾ ڇپيل خاص مضمون.شاه سائين جي شعرن ۾ سگهڙائپ جون صنفون...!عاجز رحمت الله لاشاريڏٺو وڃي ته حضرت شاهه عبداللطي...
24/10/2025

روزاني جيجل ۾ ڇپيل خاص مضمون.

شاه سائين جي شعرن ۾ سگهڙائپ جون صنفون...!

عاجز رحمت الله لاشاري

ڏٺو وڃي ته حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جو سمورو مذهبي لوڪ شاعري وارو مواد سگهڙائپ آهي، ڇوته اڄ تائين پيدا ٿيندڙ سگهڙن شاهه سائين جي پيروي ڪندي اول الله سائين جي توحيد پوءِ پاڻ سڳورن صه سان محبت ۽ بعد ۾ پنجتن پاڪن سميت باقي ولين سڳورن جو پڻ شان لکن ۽ پڙهن ٿا.
سينگار :
ڏٺو وڃي ته لوڪ شاعري جي ميدان ۾ سنڌ جي سڄاڻ سگھڙن پنھنجي “سنڌي سينگار” فن لاءِ ھڪ طرف پنھنجا انوکا سنڌي الفاظ اختيار ڪيا، ٻئي طرف “سنگار رس” شاعريءَ ۾ عام استعمال ٿيل سنسڪرت ۽ ھندي اسمن کي پنھنجو ڪيو، ۽ ٽئين طرف وري عربي، فارسي، ۽ بلوچي وغيره ٻولين مان انوکن اسمن جو ھڪ وڏو سرمايو ھٿ ڪيو. اھڙيءَ طرح “سنڌي سينگار” شاعريءَ کي انوکي ۽ ڳوڙھي اسلوب بيان ۾ ادا ڪرڻ لاءِ پنھنجي لغت ۾ ھڪ وڏي وسعت پيدا ڪيائون، بلڪ ائين چئجي ته خاص “سنڌي سينگار” فن لاءِ ڄڻ ھيءَ نئين لغت تيار ڪيائون، جنھن ۾ سنڌي، سنسڪرت، عربي، فارسي، بلوچي، براھوي، سرائڪي، ٿري ۽ ڍاٽڪي ٻولين جي انوکن اسمن جو سرمايو شامل ھو. مختلف ٻولين جي مطلوب اسمن جي واقفيت ۽ ڄاڻ کي سنڌ جي سگھڙن ھڪ خاص “سگھڙپائي جو فن” قرار ڏنو، جنھن کي “ڏھسنامو” ڪري سڏيائون. ڀٽائي صاحب، جيڪو حضرت جلال کٽي ۽ سندس ساٿي سگهڙن جو ھمعصر ھو، ۽ جنھن پنھنجي ذاتي فڪر ۽ طبع زاد بيان جي علاوه، ضرورت آھر ھر گل مان واس وٺي پنھنجي فڪر کي عالمگير ۽ بيان کي جامع البيان بنايو، تنھن پڻ پنھنجي ھمعصر شاعرن جي ھن نئين شاعرانه فن ۽ انوکي اسلوب بيان کي قدري پنھنجي زباني ڳايو ۽ چمڪايو.
مثلاً :
سر ڪوھياري جا ھيٺيان ٻه بيت جن ۾ عمداً انوکن عربي لفظن کي استعمال ڪيو اٿس، سي ھن معاصرانه سينگار شاعريءَ جي ڳوڙھي اسلوب بيان جو عڪس ڏيکارين ٿا:
“ليل” نه جاڳئين لِک سين، ڪلي “نوم” ڪياءِ،
“قم” ٿي پھچ قريب کي،”اجلس” تو نه جڳاءِ،
مٺي! مھمانن سين ويھي رات وھاءِ،
جيلانهه ننڊ ڪياءِ، تيلانهه روز رئين ٿي راهه ۾.

هي بيت به سينگار ۾ آھي ته :
“اجلس” ڪري اٿيا، تنواريو توڏن،
“نوم” نوازي ان کي، مرحبا موڏن،
رڙھي رس روڏن، “اَليَومُ سِيرُو” سسئي!.

نه فقط ايترو پر خود معاصرانه سينگار شاعريءَ جي دلچسپ مضمونن کان متاثر ٿي، ڀٽائي صاحب ھيٺيون بيت بلڪل انھيءَ رنگ ۾ چيو آھي ته:

گَنيَرَ گَت سکن، چلڻ جي چاھ پئي،
ھِنڊوا حيرت ۾ پيا، لالي ڪي لبن،
چمڪن چوڏس چنڊ جيئن وڄڙيون وھسن،
لوچن ٿيون “لطيف” چئي، پسڻ لاءِ پرين،
ڪيسر قريبن، سنباھي ساڻ ڪيا.

(سر سارنگ، داستان ٽيون)
ھن بيت ۾ “گنيرگت” (ھاٿيءَ جي چال) ھنڊوا (ڳاڙھا مينھن وساوڙا جيت) ۽ ڪيسر (زعفران جنھن جي ڳاڙھي رنگ ۽ خوشبوءِ سان محبوب جي بدن جي لال ٻھڪندڙ رنگ ۽ ھٻڪار کي مشابھت ڏجي ٿي) خاص طرح ڏھس نامي جي لغت جا الفاظ آھن جي سينگار شاعريءَ ۾ عام استعمال ٿيل آھن.‎ ‎

ڏور بيت...!

سگهڙن جي ڪچهريءَ ۾ ٻين سوکڙين سان گڏ ڏور به ڏيندا آهن، ڇوته ڪچهريءَ جو سونهن ڀريو سامان، وندر ۽ ورونهن جو وکر ئي ڏور آهي يا ائين کڻي چئجي ته ڏور بنا ڪچهري اڌوري ۽ اڻپوري آهي. ويجهڙائي کان ڪي اهڙيون به سگهڙن جون ڪچهريون ٿينديون رهن ٿيون، جن ۾ ڪچهريءَ جو مرڪزي مواد ڏور ئي پئي رهيو آهي. ڏور، هر هڪ شاعر ۽ سگهڙ سولائيءَ سان ٺاهي پيش ڪري سگهي ٿو ۽ معنيٰ ۽ مطلب کان به پوريءَ پر، واقف ٿي ٻين کي ٻڌائي سگهي ٿو.
ڏور جي ابتدا به ان دور کان ئي سمجهڻ کپي، جنهن دور کان ڪچهريءَ ۾ ٻيو مواد پيش ٿيو، هر هڪ ڇاڙهه، وقت جي تقاضا آهر، پنهنجي پنهنجي زماني ۾ ظاهر ٿيندي رهي، تنهنڪري ائين چئي سگهبو ته ڪيترين ڇاڙهن يا صنفن جي ظاهر ٿيڻ ۾ ڪجهه نه ڪجهه وقت جي وٿي ضرور آهي پر ائين نه جو صديون شمار ڪجن، شاهه ڪريم، شاهه ڀٽائي، جلال کٽي توڙي ٻين جهونن شاعرن جي ڪلام مان ڏور جا بيت ملن ٿا. جهڙي طرح پرولي، ڳجهارت، ڏٺ، دراهي وغيره ۾ ڪانه ڪا لڪ رکيل آهي، اهڙي طرح ڏور ۾ به شاعرن ۽ سگهڙن ڪانه ڪا ڏاهپ ضرور ڏيکاري آهي، ڪچهري ۾ جا چيز پيش ٿئي، تنهن ۾ لڪ ضروري آهي ته جيئن ڪچهريءَ جو منڊل مچي، تنهنڪري ائين ڏسجي پيو ته ڏور ۾ به ڏاهن ڏٺ وانگر ڪانه ڪا رمز ضرور رچي آهي، جنهن جي ڀڃڻ يا کُلڻ يا ڏوري ڏسڻ سان ڏور جو مطلب حل ٿيو وڃي، ڏور، ڏورڻ (ڳولڻ) مان ئي سمجهڻ کپي.
حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي رسالي ۾ شامل بيتن مان ڪجھ “ڏور” بيتن جي نشاندهي ڪريان ٿو جي هي آهن:
دلبو منجهه درياهه، پکي پسي آئيا،
ويچارن ويساهه، آڻي اُت اڙائيو.

هي شعر معنيٰ خيز آهي، جو مان پنهنجي ناقص عقل موجب هن ريت بيان ڪريان ٿو ته:
درياهه (هي دنيا)، پکي (ٻه ملائڪ سڳورا هاروت ۽ ماروت)، يعني ته: جڏهن آدم ذات جو دنيا ۾ دخل ٿيو، تڏهن ڪيتريون ئي خرابيون پيدا ٿيون ۽ ملائڪ سڳورا چوڻ لڳا ته “اي رب سائين! تنهنجي وحدانيت کي قبول ڪرڻ لاءِ، عبادت کي بجاءِ آڻڻ لاءِ، اسان ئي ڪافي هئاسين، تو هي انسان ڇو پيدا ڪيا! هينئر دنيا ۾ ڪيتريون خراب رسمون رائج ٿي رهيون آهن.”
انهيءَ بعد الله پاڪ آزمائش لاءِ ٻن ملائڪ سڳورن هاروت ۽ ماروت کي انساني وصفون ڏيئي زمين تي موڪليو. جڏهن هو زمين تي آيا ۽ انسانن وانگر زندگي گذارڻ لڳا، تڏهن هڪ عورت تي عاشق ٿي پيا، سندن حالت اهڙي ٿي جو قدرت کانئن ناراض ٿي پئي ۽ سندن لاءِ حڪم ٿيو ته اوهان لاءِ سزا مقرر ڪئي وئي آهي، ليڪن ان سزا ۾ اوهان خودمختيار آهيو ۽ اوهان جي مرضي تي ڇڏيل آهي ته آخرت جي سزا قبول ڪيو يا هن دنيا جي. هن دنيا جي سزا اها آهي جو اوهان جي عام اڳيان تذليل ڪئي ويندي ۽ هن دنيا ۾ سزا اها مقرر ڪئي وئي آهي جو اوهان کي بابل واري کوهه ۾ تا قيامت اونڌو ڪري لٽڪايو ويندو. ٻنهي سزائن مان ملائڪ سڳورن پوئين (هن دنيا واري) سزا قبول ڪئي ۽ اڄ تائين ٻئي ملائڪ سڳورا ان بابل واري کوهه ۾ اونڌا لٽڪيل آهن. اها گواهي خود قرآن پاڪ به ڏيئي رهيو آهي.
شاهه صاحب جو شعر هڪ حقيقت آهي ۽ سندس هڪ شعر ۾ اُها رقت آهي جا ٻئي ڪنهن به شاعر جي شعر ۾ نظر نه ٿي اچي، شاهه صاحب فرمائي ٿو ته:
قسمت آنديون ڪونجڙيون وطن سندن روهه،
ڪنهنجو ڪونهي ڏوهه، رزق رازق هٿ ۾.

هي وڏو ڪمال آهي، جو سادن لفظن ۾ ڪهڙي نه عجيب ڪيفيت قائم ڪئي وئي آهي، هي شعر به نهايت رازدارانه آهي. منهنجي ناقص فهم موجب ڪونجڙيون لفظ پاڪ بيبين سڳورين لاءِ استعمال ڪيو ويو آهي، جو کين شمر لعين ڪربلا مان قيد ڪري شام ڏانهن وٺي ويو هو ۽ روهه لفظ مديني منوره لاءِ فرمايو ويو آهي. يعني ته قدرت بي پرواهه آهي جو ههڙن پاڪن پرديدارن تي ڪيتريون نه تڪليفون عائد ڪيون ويون هيون. سندن ملڪ مدينو شريف هو ۽ اڄ هو ڪيئن ۽ ڪٿي، ڪهڙي نه دلسوز حالت ۾ مجبور آهن.
راقم الحروف جي عاجزانه عقل مطابق مشهور واعظي عالمن وٽان ٻڌل عامي روايت کي نظر ۾ رکندي هيٺيون ڏور جو بيت به مٿئين سلسلي جي هڪ ڪڙي آهي.
نو نِيَر، ڏهه ڏاوڻيون، پندرهن پينڌ پياس،
بغل منجهه بگهاڙيون، لڱين لوهه لڳاس،
جُه ساجن سنڀرياس، ته ڇرڪ ڇنائين هيڪڙي.

(سُر کنڀات، د 4، ب17/جامع مستند شاهه جو رسالو)
بيت جي مُراد:
حضرت نبي ڪريم صلي الله عليه وآله وسلم جن جي چاچي بيبي فاطمه بنت اسد رضي الله تعاليٰ عنها جيڪا حضرت ابوطالب سائين جي گهر واري ۽ مولا علي مشڪل ڪشا جي امان سانئڻ هئي، جن جي پيٽ مبارڪ ۾ جڏهن حضرت مولا علي شير خدا تشريف فرما ٿيا، تڏهن پاڻ سڳورا ٻاهر کان جنهن وقت گهر ۾ تشريف فرما ٿيندا هئا ته ان وقت امان فاطمه بنت اسد اٿي بيهندي هئي، ان سندن اٿي بيهڻ تي ڪجهه قريش جي ماڻهن اعتراض ڪيو ته حضرت محمد صلي الله عليه وآله وسلم جن ننڍا ۽ بيبي فاطمه بنت اسد وڏي آهي، هئڻ ائين کپندو هو ته جنهن ويلي امان سانئڻ اچي ته پاڻ سڳورا ادب ۾ اٿي بيهن، پر هتي ان جي ابتڙ پاڻ سڳورن جي اچڻ تي امان سانئڻ اٿي بيهي ٿي. ان ڪري کين حضرت ابو طالب سائين کي چئي امان بيبي فاطمه بنت اسد کي اٿي بيهڻ کان منع ڪيائون. جنهن تي بيبي سانئڻ فرمايو ته مان پاڻ اٿي نٿي بيهان، پر منهنجي بطن مبارڪ ۾ جيڪو ٻارڙو (حضرت علي عليه السلام) آهي، اهو مون کي اٿڻ تي مجبور ڪري ٿو. جنهن ڳالهه تي عرب جي اعتراض ڪندڙ ماڻهن ڀروسو نه ڪيو ۽ آزمائڻ خاطر امان سانئڻ جا هٿ پير ٻڌي گهر ۾ ويهارڻ کان بعد حضرت ابو طالب سائين کي چيائون ته هاڻي پنهنجي ڀائٽيي حضرت محمد صلي الله عليه وآله وسلم جن کي سڏ ڪيو ۽ جڏهن پاڻ سڳورا صه گهر ۾ آيا ته واقعي به امان سانئڻ جي پاڪ بطن ۾ موجود ٻارڙي (حضرت علي عليه السلام) پنهنجي طاقت جي آڌار تي امان کي اٿڻ تي مجبور ڪيو ۽ اهي رسا ۽ زنجير ٽُٽي ويا ۽ مٿيون بيت به لطيف سائين جي چوڻي مطابق ان روايت جي شاهدي آهي.
ڏور بيت کي نظر ۾ رکندي لطيف سائين جو هي بيت به ساڳي نشاندهي ڪري ٿو ته:
مون کي مون پريَن، ٻڌي وڌو ٻار ۾،
اڀا ائينءَ چون، ته مڇڻ پاند پسائين.

(سُر آسا، د 4، ب 19/ڪلياڻ آڏواڻي)
بيت جي مراد:
جڏهن حضرت آدم عليه السلام کان جنت ۾ منع ڪيل داڻو کائڻ واري لغزش ٿي، تڏهن کيس هن سرزمين تي موڪليو ويو ۽ ان واقعي تي لطيف سائين جو هي بيت سگهڙ ڏيندا آهن، جيڪو شاهه سائين روحاني طور حضرت آدم عليه السلام جي چوڻيءَ طور لکيو آهي.
هُنر...!
مٿي بيان ڪيل لوڪ ادب جي صنفن سينگار، ڏهس ۽ ڏور بيت کانپوءِ هنر واري عنوان تي اچون ٿا، جيڪا سگهڙن طرفان صنف عام آهي ۽ مختلف عنوانن سان مشهور آهي. ان سلسلي ۾ حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي جا به ڪيترائي بيت، سگهڙائپ واري هنر سان ملندڙ آهن پر نموني طور صرف هڪڙو بيت ڏجي ٿو.
شاهه سائين جو هي بيت به ان نموني جي هڪ ڪڙي آهي.
جا هڙ اندر جيءَ، سا هڙ ٻڌي ساهه کي،
ساهڙ ڇڙي نه ساهه جي، ساهڙ ساهڙ ريءَ،
ساهڙُ ميڙ سميع، ته ساهڙ ڇڙي ساهه جي.

(سر سهڻي، د 7، ب 13/جامع مستند شاهه جو رسالو)
لفظن جي چير:
(1) جا+هڙ: جا = ڳنڍ
(2) سا+هڙ: سا = ڳنڍ
(3) ساھڙ = محبوب
مقصد ته جيڪا منهنجي جيءَ ۾ پنهنجي پيار واري ڳنڍ منهنجو محبوب ٻڌي پاڻ کي دل ۾ قابو ڪري ويو آهي، سا ايسيتائين ٻڌل هجي، جيسيتائين سريءَ ۾ ساهه آهي ۽ دعا ٿو ڪري ته مالڪ سائين مون کي منهنجو محبوب ملاءِ ته ان جي وصال سان ئي دم نڪري.
پهاڪا ۽ چوڻيون...ٰ
هر ڪنهن سڌريل ٻوليءَ ۾ پهاڪن ۽ چوڻين جو هڪ وڏو خزانو موجود هوندو آهي، جو ان ٻوليءَ جي تحريري يا زباني ادب جو هڪ اهم ۽ مکيه حصو هوندو آهي. سگهڙ مرد توڙي گهرو سگهڙ عورتون شاعر، اديب ۽ مقرر جڏهن چاهيندا آهن، ته پنهنجي نصيحت يا اندر جي جذبات ٻين تائين مؤثر نموني ۾ پهچائين، ته اڪثر اهي پهاڪن ۽ چوڻين جو سهارو وٺندا آهن.
سنڌي زبان پهاڪن ۽ چوڻين جي حالت ۾ دنيا جي سڌريل ٻولين کان ڪنهن به طرح کان گهٽ ناهي، شاهه صاحب جي ڪلام کي پڙهنداسون ته ان ۾ ڪافي پهاڪا ۽ چوڻيون موجود آهن.
“دراصل پهاڪن جي استعمال سان ئي شاهه جي ٻوليءَ ۾ رواني ۽ سليتائي اچي وئي آهي.”
سر سارنگ جي بيت جي هيٺئين مصرع پڙهو:
“جن مهانگو لهي ميڙيو، سي ٿا هٿ هڻن”.
هٿ هڻڻ جي معنيٰ پڇتائڻ آهي، هتي شاهه صاحب انهن واپارين جي ڳالهه ٿو ڪري جيڪي برسات پوڻ يا وسوڳ ٿيڻ سان پوءِ پڇتائيندا آهن ته “هاڻي اَنَ جو اگهه گهٽجي ويندو ۽ سندن نفعو ته ٺهيو پر اُلٽو کين نقصان پوندو.”

هڪ ٻيو مثال سُر مارئيءَ مان:
“اي نه مارن ريت، جيئن سيڻ مٽائين سون تي!”
هتي “سيڻ مٽائين سون تي” عام چوڻيءَ جو گويا سڀاويڪ طور استعمال ڪيو ويو آهي ۽ اهڙيون ڪيئي چوڻيون شاهه جي ڪلام ۾ موجود آهن. سور ۽ درد جي آهه کي ظاهر ڪرڻ لاءِ سنڌي زبان ۾ ڪيترائي اصطلاح، پهاڪا ۽ چوڻيون موجود آهن، مگر اندر جي آهه جي اظهار لاءِ جيڪو شاهه صاحب هيٺيون اصطلاح استعمال ڪيو آهي، ان کي پڙهو:
“گهوڙا! گهوڙا! آئون نه جيندي اُن ري.”

(رام ڪَلي)
اگرچه ان جي جاءِ تي قهر، ظلم، فرياد، افسوس، قيامت، هاءِ هاءِ! شاهه صاحب استعمال ڪري سگهيو پئي، مگر جيڪا درد جي اظهار جي قوت ۽ جذبات جي ترجماني ۽ “گهوڙا ڙي گهوڙا” ڪرڻ سان ٿئي ٿي، يقينن ٻيو ڪوبه اصطلاح پورائو نه ڪري سگهي ها.
ٻيو مثال:
مران، “مٿو پٽيان”، نھاريان نيڻان،
سُخن جي سندان، آئون نه جيندي اُن ري.

(رام ڪلي)
جهڙيءَ طرح “گهوڙا!، گهوڙا!” ڏک جي اظهار لاءِ اثرائتو اصطلاح آهي، اهڙي طرح “مٿو پٽيان!” به سنڌي زبان جو اصطلاح وڏي ڪِرڀ رکي ٿو. اُرههُ پِٽڻ ٻين قومن ۾ به آهي ۽ ڳوڙها ڳاڙي ڏک جو اثرائتي نموني اظهار ڪرڻ ته انساني فطرت جو گُڻ آهي. مگر “مٿو پِٽڻ” رڳو سنڌي ثقافتي زندگيءَ جو انفرادي گُڻ آهي، جيڪو شاهه صاحب استعمال ڪري_ پنهنجي وسيع سنڌي ثقافت جي مطالعي جو ثبوت پيش ڪيو آهي. سڄو ڪلام مطالعو ڪيو ته اهڙا ڪيئي اصطلاح، مختلف موضوعن جي ترجماني لاءِ اسان کي نظر ايندا ۽ ان مان شاهه صاحب جي زبان دانيءَ جو اقرار ڪرڻو پوندو.

سُر سريراڳ جي هيٺئين بيت تي ويچار ڪريو.
چڱا ڪَنِ چڱايون، مَٺايون مَٺنِ،
جو وڙ جُڙي جن سين، سو وڙ سيئي ڪن.

(سريراڳ)
هن بيت جي حيثيت اڄڪلهه سنڌي معاشري ۾ پهاڪي ۽ چوڻيءَ جي صورت اختيار ڪري چڪي آهي، يقينن زبان جا ماهر ان ٻڌائڻ کان قاصر آهن ته اها چوڻي سنڌي زبان ۾ اڳ موجود هئي. بيت جو سِٽاءُ ۽ صورت ٻڌائي ٿي ته ان جو خالق شاهه عبداللطيف ڀٽائي آهي ۽ ان جي معنيٰ ۽ مفهوم سليتائي ۽ سونهن ايتري ته جاذب آهي، جو اڄ انهيءَ بيت چوڻيءَ جي صورت اختيار ڪئي آهي.

سنڌي لوڪ ادب ٹی وی تي ڀليڪار 🙏اڄ اسان سان گڏ آهن سنڌي لوڪ ادب جا ناميارا شاعر علي اڪبر اداسي، جيڪي پنهنجي شاعريءَ جي مٺڙي ٻوليءَ ۾ ڀليڪار جو پيغام پيش ڪري ر...

قومي ادب جا وارثو!پنھنجي لوڪ ڏاھَپَ کي هٿي وٺرائڻ لاءِ ھن  * چينل کي سبسڪرائپ ڪري شيئر ڪندا ۽ لوڪ ادبَ جي تَرقيءَ ۾ ڪارا...
23/10/2025

قومي ادب جا وارثو!
پنھنجي لوڪ ڏاھَپَ کي هٿي وٺرائڻ لاءِ ھن
* چينل کي سبسڪرائپ ڪري شيئر ڪندا ۽ لوڪ ادبَ جي تَرقيءَ ۾ ڪارائتو ڪردار ادا ڪندا.
ياد رهي تہ هي چينل سلات پاران 20 آڪٽوبر 2025ع تي دبئي ۾ کوليو ويو آھي جنھن جي ھيءَ پرومو طور پھرين وڊيو آھي. اهڙي طرح سنڌي لوڪ ادب جو نئون نِڪور ۽ ناياب مواد اوهان تائين پھچائڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪنداسين. ڏات ڌڻين جا انٽرويوز ۽ ٻيو گهڻو مواد جنھن ۾ لوڪ گيت، سھرا، لاڏا، مولود، مداحون، مناقبا، سينگار، پَھاڪا، ھُنر، ڏور، مناظرا، پروليون ۽ لوڪ ڪھاڻيون وغيره شامل هونديون.
ياد رهي تہ عنقريب ”سنڌي لوڪ ادب تاريخ” جي نالي سان ويب سائيٽ پڻ اوهان جي سامھُون هوندي جنھن ذريعي سنڌي لوڪ ادب کي سموري دنيا ۾ متعارف ڪرائڻ جو ٻيو مرحلو بہ شُروع ڪيوويندو.

انشاءالله لوڪ ادب جي واڌاري لاء سلات جي جدوجھد جاري ھُئي، جاري آھي، جاري رهندي.
07/10/2025

انشاءالله لوڪ ادب جي واڌاري لاء سلات جي جدوجھد جاري ھُئي، جاري آھي، جاري رهندي.

اڄ ايُوبَ جِي اوطاقَ تي، ٿيو ”عاجِزَ“ جو اچڻ،منھنجو مواڇ ڳوٺَ ۾، ٿيو مُحبَ ساڻ مِلڻ،پنھنجو قلمي پورھيو پوءِ ڏِنائين ڏِسڻ...
05/10/2025

اڄ ايُوبَ جِي اوطاقَ تي، ٿيو ”عاجِزَ“ جو اچڻ،
منھنجو مواڇ ڳوٺَ ۾، ٿيو مُحبَ ساڻ مِلڻ،
پنھنجو قلمي پورھيو پوءِ ڏِنائين ڏِسڻ،
اُنَ جا اَٺَئِي ڪِتابَ ڏِسي، لڳُس مان مُرڪڻ،
تہ واھَ جا ڏِني ڏات اَٿس، جنھن کي چارو ناهي چَوَڻ،
لُطفُ مِليو ”لاشاريءَ“ کي، لڳا موتِي لفظَ مَکڻ،
جھڙا غَزَلَ، تھڙيون ڪافيون، ھُيَس عجيبَن جِي اُڻ تُڻ،
وري سينگارَ جَي سِٽَاءَ ۾، ڪَئي سُٺي وصفَ سَڄڻَ،
۽ پَھاڪَن جِي پرُوڙَ ۾، بہ ڏاھَپَ آئي ڏِسَڻ،
ڏينھَن پنجين آڪٽوبَرَ جي، ڀاڪُر لڳو ڀَرڻَ،
ڏِسِي ڳُڻَن ڀَرئي جا ڳُڻَ، آئي راحتَ ”رحمتُ الله“ کي.

سِٽُون : عاجز رحمت ﷲ عاجز لاشاري
باني چيئرمين : سلات.
سگهڙ محمد ايوب عارِض واھوچو سان ملاقات جو منظر.

وقت ھميشہ ھڪ جھڙو ناهي هوندو.انسان پنھنجي پڇاڙيءَ لاء بہ ڪي ڪَڻا تيار ڪري.سلات جي سابق صدر سگهڙ محمد مٺل جهتيال، سگهڙ مم...
30/09/2025

وقت ھميشہ ھڪ جھڙو ناهي هوندو.
انسان پنھنجي پڇاڙيءَ لاء بہ ڪي ڪَڻا تيار ڪري.

سلات جي سابق صدر سگهڙ محمد مٺل جهتيال، سگهڙ ممتاز علي عباسي سان سلات جي باني چيئرمين عاجز رحمت ﷲ عاجز لاشاري جي يادگار تصوير.

تعلقي صالح پَٽ ۽ ناري جي ڏات ڌڻين جي شاندار ڪچھري. ڀلوڙ ڏات ڌڻي رحمت الله راوت خاصخيلي کي مڃتا طور شيلڊ ايوارڊ ڏنو ويو.
28/09/2025

تعلقي صالح پَٽ ۽ ناري جي ڏات ڌڻين جي شاندار ڪچھري. ڀلوڙ ڏات ڌڻي رحمت الله راوت خاصخيلي کي مڃتا طور شيلڊ ايوارڊ ڏنو ويو.

27/09/2025

سنڌ جي بھترين ايڪٽر ۽ پيشڪار المھراڻ آرٽ ڪلب عرضي ڀُٽو جي اڳواڻ جنيد جاني طرفان صوبائي وزيرِثقافت سيد ذوالفقار علي شاھ جي فيصلي جي تائيد.

27/09/2025

لوڪ راڳي وزير علي گوپانگ طرفان ثقافت کاتي جي وزير جي فيصلي جي تائيد.

Address

Jamshore

Telephone

03013566707

Website

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when Sindh Sughar Lok Adab Tanzeem posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Contact The Museum

Send a message to Sindh Sughar Lok Adab Tanzeem:

Share